حڪومت پيٽروليم شين تي لاڳو پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي نئين شرح جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ليوي جي نئين شرح 20 جون 2026ع کان لاڳو ٿيندي، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول تي 40 رپيا 49 پئسا في ليٽر جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي پرچون سيل تي پيٽروليم ليوي 7 رپيا 66 پئسا في ليٽر کان گهٽائي 6 رپيا 61 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ 19.71 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ پرچون آئوٽ ليٽس ذريعي وڪرو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ليوي 53.26 رپين مان وڌائي 72.97 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح هاءِ آڪٽين (HOBC) پيٽروليم ليوي ۾ 214.49 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پرچون سطح تي پيٽروليم ليوي 305.74 رپيا في ليٽر کان گهٽجي 91.25 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. واضح رهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 74 رپيا 28 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا 31 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 299 رپيا 50 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 311 رپيا 47 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
Source link

حڪومت پيٽرول تي ليوي جي شرح ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي عملدرآمد فوري ٿيندو
Leave a Comment Leave a Comment

