سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري آٽو ڊس ايبلڊ سرنج جا 2 نمونا غير معياري قرار ڏئي ڇڏيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 5 ايم ايل ۽ 3 ايم ايل آٽو ڊسيبل سرنج جا نمونا معيار تي پورا نه اچي سگهيا، ٽيسٽ دوران آٽو ڊسيبل فيچر گهربل معيار موجب ڪم نه ڪري سگهيو. ٻئي سرنج جا نمونا ميڊيڪل ڊيوائس رولز 2017 تحت غير معياري آهن.
ڊي جي ايس ڊي ٽي ايل عدنان رضوي چيو ته غير معياري قرار ڏنل سرنجون خيبرپختونخواهه جي فارما ڪمپني تيار ڪيون، سرنجز ۾ آٽو ڊسيبلر ۽ ري يوز فيچر ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن.
سرنجز جو آٽوميٽڪ سيفٽي سسٽم ٽيسٽ ۾ اثرائتو ثابت نه ٿيو، جاچ رپورٽ انسپيڪٽر ڊرگز ڪراچي ايسٽ ۽ سيڪريٽري ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ کي موڪلي وئي آهي.
غير معياري خودڪار غير فعال سرنج محفوظ انجڻ جي استعمال لاء خطرو پيدا ڪري سگھن ٿا.


