خيبرپختونخواهه ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ذريعن موجب ڪي پي ڪي جي ضلعي نوشهره جي تعلقي پبي ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب واقعو پبي جي علائقي عزا خيل ۾ پيش آيو، جتي ٻه گروپ آمهون سامهون ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد زخمين کي طبي امداد لاءِ قاضي ميڊيڪل ڪامپليڪس نوشهره منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي.
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


