راندين جي دنيا ۾ نئين تاريخ، پهريون ڀيرو ٽينس ۾ ڪتي کي هڪريڊيٽيشن ڪارڊ جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



راندين جي دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ٿي وئي جتي پهريون ڀيرو هڪ ڪتي کي باضابطه تصديق ڪارڊ جاري ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اِهو واقعو مشهور ٽينس ايونٽ فرينچ اوپن ۾ پيش آيو، جتي دنيا جي نمبر ون رانديگر آرينا سبالينڪا ”ايش“ جي پالتو ڪتي کي خاص ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ جاري ڪيو ويو. رپورٽن مطابق اهو فيصلو حادثاتي نه پر انتظاميا جو باضابطه فيصلو هو جنهن کانپوءِ ”ايش“ کي رانديگر سان پريڪٽس سيشن سميت مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي. انتظاميا جي ان قدم کي ٽينس جي تاريخ ۾ هڪ منفرد ۽ دلچسپ پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي جنهن مداحن جو ڌيان ڇڪايو آهي. ياد رهي ته راندين جي ڪوريج لاءِ هميشه پرڏيهي توڙي ملڪي صحافين ۽ آرگنائيزرن کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ جاري ڪيا ويندا آهن پر ٽينس ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ڪتي کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ جاري ڪيو ويو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment