راولپنڊي جي علائقي وارث خان مان اڳوڻي ڊي آءِ جي پوليس چوڌري عارف جي ڊرائيور کي پراسرار نموني اغوا ڪيو ويو.
پوليس موجب اغوا ٿيل جي چاچي محمد اعظم ٻڌايو ته سندس ڀائٽيو محمد امين اڳوڻي ڊي آءِ جي پوليس چوڌري عارف وٽ 8 مهينن کان ڊرائيور طور ڪم ڪري رهيو آهي. 22 اپريل تي هو اڳوڻو ڊي آءِ جي کي ڊراپ ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ ويو.
واپس اچي ڪار لياقت باغ جي سامهون هڪ خانگي هوٽل وٽ بيهي رهي. ڪار پارڪ ڪرڻ بعد ڀانجا محمد امين رڪشا تي ويٺو ۽ مري روڊ ڏانهن روانو ٿيو، جنهن کانپوءِ سندس باري ۾ ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
ڀائٽي جو موبائيل فون به بند آهي، ڳولا باوجود ڪجهه به نه ملي سگهيو، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي آءِ جي جي ڊرائيور جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ هو ڳولا ۾ مصروف آهن.


