روس پنهنجي تازي بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل ’سرمت‘ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جنهن کي روسي صدر پيوٽن دنيا جو طاقتور ترين ايٽمي ميزائل قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي اسٽريٽجڪ ميزائل فورسز جي ڪمانڊر سرگئي ڪاراڪائيف اڱاري ڏينهن صدر پيوٽن کي ميزائل جي ڪامياب تجربي تي بريفنگ ڏني.
صدر پيوٽن چيو ته روس هن سال جي آخر تائين سرڪاري طور تي سرمت ميزائل کي فوجي سروس ۾ داخل ڪندو. هن دعويٰ ڪئي ته هي جديد ايٽمي ميزائل هزارين ميل پري آمريڪا ۽ يورپ ۾ هدفن کي نشانو بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
روسي ٽي وي تي نشر ڪيل بيان ۾ پيوٽن چيو ته سرمت ميزائل جي وار هيڊ جي طاقت مغربي ملڪن جي ڪنهن به برابري واري نظام کان چار ڀيرا وڌيڪ آهي جڏهن ته ان جي رينج 35 هزار ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.
روسي صدر موجب هي ميزائل موجوده ۽ مستقبل جي جديد ميزائل دفاعي نظام کي ڀڄائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن سان روس جي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ طاقت ۾ نمايان اضافو ٿيندو.
سرگئي ڪاراڪائيف چيو ته سرمات ميزائل سسٽم سان ليس لانچرز جي تعیناتي روسي فوج جي جنگي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي ۽ ملڪ جي اسٽريٽجڪ دفاعي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
دفاعي ماهرن موجب هي نئون روسي ميزائل عالمي طاقتن جي وچ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ عروج تي آهي.


