فلپائن جي ڏاکڻي ٻيٽ منڊانائو جي سمنڊ ۾ 7.8 جي شدت واري زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن سبب 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ 134 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترائي لاپتا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب زلزلو صبح سوير صوبي سرنگاني جي ڏکڻ ۾ سمنڊ ۾ آيو، جنهن جا لوڏا پاڙيسري ملڪ انڊونيشيا سميت فلپائن جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون، گهر ۽ تجارتي مرڪز ڊهي پيا، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿيا.
جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل علائقي گلان ۾ جبل جي هيٺان ڪيترن ئي گهرن تي مٽي ڪرڻ سبب 14 ڄڻا فوت ٿي ويا. مقامي اختيارين موجب زلزلي کانپوءِ فوري طور تي لينڊ سلائيڊنگ ٿي جنهن ڪيترن ئي خاندانن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.
جنرل سانتوس جي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. امدادي ڪارروايون جاري آهن ماڻهن جي ڳولا جاري آهي جيڪي تباهه ٿيل گراسري اسٽور جي ملبي هيٺان دفن آهن. ڪجهه هنڌن تي، ريسڪيو اهلڪارن کي هٿ سان ملبي کي هٽائڻو پيو.
فلپائن جي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ايجنسي موجب ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن جڏهن ته فوج ۽ امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ سرچ آپريشن ۾ مصروف آهن.
زلزلي کانپوءِ 200 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا، جن مان سڀ کان زوردار زلزلي جي شدت 6.7 هئي. مسلسل آفٽر شاڪس جي ڪري اختيارين کي عمارتن جي حفاظتي معائني ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ۽ وڌيڪ عمارتون ڊهي پوڻ جو خدشو برقرار آهي.
بجلي بند ٿيڻ ۽ مواصلاتي نظام جي خرابي سبب امدادي ڪمن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو خوف سبب کليل آسمان هيٺ راتيون گذارڻ تي مجبور آهن.
فلپائن جي صدر فرڊيننڊ مارڪوس جونيئر مينڊانائو ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي هنگامي امدادي ڪاررواين جو حڪم ڏنو.
زلزلي کانپوءِ پئسفڪ سونامي وارننگ سينٽر شروعاتي طور تي فلپائن، انڊونيشيا، تائيوان، پالاؤ ۽ پاپوا نيو گني جي ساحلي علائقن لاءِ سونامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد لاڳاپيل ادارا مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن.
ماهرن موجب منڊانائو ۽ ان جي ڀرپاسي وارو علائقو پئسفڪ سمنڊ جي ”رنگ آف فائر“ ۾ واقع آهي، جتي زلزلا اچڻ ۽ آتش فشان جي سرگرمين کي معمول سمجهيو ويندو آهي.


