ايران لبنان ۾ حزب الله جي اڏن تي اسرائيل جي هوائي حملن خلاف آمريڪا سان جاري جنگبندي ڳالهين تي بحث ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
اها دعويٰ ايران جي نيم سرڪاري نيوز ايجنسي ”تسنيم“ ايراني ڳالهين واري ٽيم ۽ هڪ باخبر ذريعن جي حوالي سان ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل جنگ بندي جي بنيادي شرطن ۾ لبنان به شامل هو.
پر اسرائيل لبنان ۾ حزب الله تي حملا ڪري مسلسل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ اڄ وزير اعظم نيتن ياهو پنهنجي فوجن کي حڪم ڏنو آهي ته هو لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا ڪن.
ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب ايراني ڳالهين واري ٽيم ثالثن ذريعي آمريڪا سان جاري ڳالهين ۽ ڊرافٽ جي تبادلي کي ملتوي ڪري ڇڏيو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جنگ کي فوري طور تي ختم ڪرڻ ۽ لبنان مان اسرائيلي فوج جي مڪمل واپسي ناگزير آهي.
ايراني ميڊيا رپورٽ موجب باخبر ذريعن اهو به واضح ڪيو آهي ته انهن مطالبن تي اڳڀرائي ٿيڻ تائين آمريڪا سان ڳالهيون نه ٿينديون.
هن وقت تائين ايراني حڪومت يا قيادت آمريڪا سان جاري جنگ بندي ڳالهين جي معطلي جي ترديد يا تصديق نه ڪئي آهي پر ايراني وزيرن جا سخت بيان ضرور ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيل جي جنگ ۽ ايران جي بندرگاهن تي آمريڪي دٻاءُ جنگبندي جي ڀڃڪڙي ۽ آمريڪا جي عدم تعميل جو ثبوت آهي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي لبنان سميت سمورن محاذن تي لاڳو آهي، لبنان ۾ خلاف ورزي سموري معاهدي جي ڀڃڪڙي تصور ڪئي ويندي.
پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پڻ چيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيلي حملا ۽ آمريڪا جا متضاد موقف سفارتي عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن ۽ ڪنهن به اڳڀرائي لاءِ لبنان ۾ جنگ بندي ضروري آهي.


