بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن جي ماءُ جي گهر ممبئي ۾ چوري ٿي آهي، جنهن ۾ 25 لک رپين جا زيور ۽ قيمتي واچون چوري ٿي ويون آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب واقعو ممبئي جي علائقي جوهو ۾ پيش آيو، جتي روينا ٽنڊن جي ماءُ جي گهر مان قيمتي سامان غائب ٿي ويو جڏهن گهر وارن تالا چيڪ ڪيا. لاڪر کولڻ تي معلوم ٿيو ته زيور ۽ واچ غائب هئي، جنهن بعد فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته 25 لک رپين جي ماليت جا زيور ۽ واچون چوري ڪيون ويون آهن. معاملي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ان ڪيس ۾ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جو تعلق روينا ٽنڊن جي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي. جوابدار جي سڃاڻپ 47 ورهين جي رشي ڇبريا طور ٿي آهي. جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڄاڻايل عورت 2020 کان اداڪارا جي گهر اچي رهي هئي ۽ ان دوران هن خاندان جو اعتماد به حاصل ڪري ورتو هو. هوءَ روينا ٽنڊن جي ماءُ جي مدد ۽ سنڀال ڪندي رهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڪجهه قيمتي واچون به هٿ ڪيون ويون آهن، باقي زيورن جي بازيابي لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن مڪمل بازيابي ممڪن بڻائي سگهجي.
Source link

روينا ٽنڊن جي ماءُ جي گهر ۾ وڏي چوري، لکين رپين جا زيور غائب
Leave a Comment Leave a Comment

