لوئر ۽ اپر دير ۾ ٽريفڪ حادثا؛ عورت سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



خيبرپختونخواهه جي ضلع لوئر دير ۽ اپر دير بالا ۾ مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب لوئر دير جي علائقي مانڊا ۾ موٽرسائيڪل ۽ گاڏي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف دير بالا جي علائقي قلعه گنوري ۾ ڊيٽسن گاڏي اونڌي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ ريسڪيو عملدارن موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف حادثن جي جاچ جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment