عليم خان بلاول ڀٽو زرداري جي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي آڇ قبول ڪري ورتي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


گلگت:

استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عليم خان پيپلز پارٽي جي گلگت بلتستان ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي آڇ قبول ڪندي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو.

ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي کي گلگت بلتستان ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.

بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ مختلف عهدن تي عليم خان جي حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عبدالعليم خان بلاول ڀٽو زرداري جي آڇ قبول ڪندي چيو ته استحڪام پاڪستان پيپلز پارٽي جي حمايت ڪندي.

آءِ پي پي جي صدر عليم خان چيو ته بلاول ڀٽو سان خوشگوار ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، هو گلگت بلتستان ۾ وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ٻين عهدن جي چونڊ لاءِ پ پ جي حمايت ڪندو ۽ کيس وڏي اڪثريت سان وزيراعليٰ، اسپيڪر ۽ ٻين عهدن تي ڪامياب ڪرائيندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment