پاڪستان جي مشهور اداڪارا ريما خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڀارت ۾ هڪ ايوارڊ شو ۾ بولڊ لباس پائڻ کان انڪار ڪيو ڇو ته هو اتي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي هئي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ريما خان چيو ته مان پنهنجي لباس ۽ گفتگو تي خاص ڌيان ڏيان ٿي، فنڪارن کي پنهنجي ٻولي، ڪردار ۽ رويي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته ماڻهو انهن کي فالو ڪن ٿا.
موجوده ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ڪلچر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اڄڪلهه ناڪاري خبرن ۽ تڪرارن کي وڌيڪ پروموٽ ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته مثبت ڪم گهٽ ڏيکاريا وڃن ٿا.
ريما خان چيو ته الله جي جنت هر ڪو چاهي ٿو پر مرڻ ڪو نه ٿو چاهي، جيڪڏهن توهان واقعي جنت ۾ وڃڻ چاهيو ٿا ته مخلوق لاءِ آساني پيدا ڪريو.
ريما خان چيو ته هوءَ الله جي بيشمار نعمتن جي شڪرگذار آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته اصل ڪاميابي عاجزي ۽ شڪرگذاري آهي. زندگي مختصر آهي ۽ اسان وٽ تمام گهٽ وقت آهي.


