اسلام آباد:
ڪپهه جي تاريخي گهٽ پيداوار کانپوءِ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ جديد زرعي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ٽن سالن جي قومي زرعي بايو ٽيڪنالاجي پاليسي 2025 تيار ڪئي، جنهن جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪجهه سال اڳ پاڪستان ۾ ڪپهه جي سالياني پيداوار صرف 5 ملين بيلز تائين گهٽجي وئي، جيڪا گذريل 40 سالن جي گهٽ ترين سطح هئي. جڏهن ته ماضي ۾ سراسري پيداوار 12 ملين کان 15 ملين بيلز جي وچ ۾ رهي آهي، ملڪ جي ڪپڙي جي صنعت کي هر سال اٽڪل 16 ملين بيلز جي ضرورت آهي.
ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ اڳ ۾ ئي بائيو ٽيڪنالاجي پاليسين تي عمل ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري جينيٽيڪل موڊيفائيڊ (جي ايم) فصلن جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ جامع پاليسي پاڪستان لاءِ ناگزير آهي ته جيئن جديد زرعي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي ۽ جينٽڪ انجنيئرنگ سان لاڳاپيل خطرن کان تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.
فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت موجب پاڪستان وٽ بايو ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ وسيع صلاحيت موجود آهي، جنهن لاءِ تربيت يافته سائنسدان، مضبوط ريگيوليٽري سسٽم ۽ جديد ريسرچ سينٽر موجود آهن، پر واضح ۽ مربوط حڪمت عملي نه هجڻ سبب ملڪ ان شعبي مان ڀرپور فائدو وٺي نه سگهيو آهي.
اهو به ٻڌايو ويو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل آڪٽوبر 2023ع ۾ جينيٽيڪل موڊيفائيڊ آرگنزم (جي ايم او) پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۽ نيشنل سيڊ ڊولپمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي جي ماهرن ان پاليسي کي حتمي شڪل ڏني.
وفاقي ڪابينا 4 ڊسمبر 2025ع تي فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت پاران جمع ڪرايل سمري جي منظوري ڏني.


