سعودي عرب ۽ روس وچ ۾ ويزا فري معاهدو لاڳو، شهري بغير ويزا سفر ڪري سگهندا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سعودي عرب ۽ روس وچ ۾ ويزا فري معاهدو اڄ کان باضابطا طور تي عمل ۾ اچي ويو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن جا شهري هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ ويزا کانسواءِ سفر ڪري سگهندا.

عرب ميڊيا رپورٽن موجب ان معاهدي تحت سعودي عرب ۽ روس جا شهري هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ 90 ڏينهن تائين رهي سگهندا. ويزا جي استثنيٰ سرڪاري، سفارتي ۽ عام پاسپورٽ رکندڙن تي لاڳو ٿيندي.

رپورٽن مطابق ٻنهي ملڪن جا شهري سياحت، ڪاروباري ۽ مختصر دوري لاءِ ويزا فري سفر ڪري سگهندا. هن قدم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، واپار ۽ سياحت جي فروغ لاءِ هڪ اهم پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي.

عرب ميڊيا موجب اهو معاهدو پهرين ڊسمبر 2025ع تي سعودي راڄڌاني رياض ۾ ڪيو ويو هو. معاهدي تي روسي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نواڪ ۽ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود دستخط ڪيا.

ماهرن موجب ويزا فري معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون، سياحتي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جا موقعا وڌيڪ وڌائڻ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment