بنگلاديش پاڪستان کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 78 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ورتو.
سلهٽ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ جي پنجين ڏينهن پاڪستان 316 رنسون ۽ 7 وڪيٽن جي نقصان تي راند جي شروعات ڪئي ۽ کيس فتح لاءِ وڌيڪ 121 رنسن جي ضرورت هئي.
محمد رضوان (94) ۽ ساجد خان (28) ڪجهه مزاحمت ڪئي پر ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيا.
437 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ پوري ٽيم 358 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ڪپتان شان مسعود ۽ سلمان آغا 71، 71، بابر اعظم 47، اذان اويس 21، عبدالله فضل ۽ سعود شڪيل 6، 6 جڏهن ته حسن علي ۽ خرم شهزاد بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.
بنگلاديش طرفان تيج الاسلام 6، ناهيد رانا 2 جڏهن ته شرف اسلام ۽ مهدي حسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي.
بنگلاديش پنهنجي پهرين اننگز ۾ 278 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 232 رنسون ٺاهي سگهي.
بنگلاديش جي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 390 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 437 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ ڏنو.


