سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو آفيسر رشوت وٺندي رنگي ہاتھوں گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي انسپيڪٽر لطيف مرزا کي رشوت وٺندي رنگي ہاتھوں گرفتار ڪري ورتو. ايڪسپريس نيوز موجب سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي انسپيڪٽر لطيف مرزا کي 50 هزار رپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن اها ڪارروائي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد يونس رند جي اڳواڻي ۾ ڪئي، جڏهن ته انسپيڪٽر وسيم الحسن ۽ انسپيڪٽر رضوان شاد به ڪارروائي ۾ شريڪ هئا. ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن امتياز علي ابڙو موجب ٽيم شهرين جي شڪايت تي فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي آهي. اختيارين موجب گرفتار بلڊنگ انسپيڪٽر تي تعميراتي ڪم روڪڻ، نقشي جي ڀڃڪڙين کي نظر انداز ڪرڻ ۽ غير قانوني اڏاوتن کي بچائڻ لاءِ رقم گهرڻ جو الزام هو. اينٽي ڪرپشن اختيارين ڪيس داخل ڪري جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment