سنڌ رينجرز جي ڪارروائي، منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سنڌ رينجرز جي ڪارروائي، ڦر، اسٽريٽ ڪرائم ۽ منشيات فروشن ۾ ملوث جبل گروپ جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 9 ايم ايم پستول 30 بور پسٽل گوليون ۽ 2 موبائيل فون هٿ ڪيا ويا.

تفصيل موجب سنڌ رينجرز ڳجهي اطلاع تي لياري جي علائقي بغدادي ۾ ڪارروائي ڪري ڦر، اسٽريٽ ڪرائم ۽ منشيات فروشن ۾ ملوث جبل گروپ جي 2 جوابدارن عرفان عرف جبل ولد عبدالرشيد ۽ دانش حسين عرف داني ڊان کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 9 ايم ايم پستول، 30 بور پسٽل ۽ 2 موبائل فون هٿ ڪري ورتا آهن.

ترجمان موجب گرفتار جوابدار عرفان عرف جبل گروپ جو سربراھ آهي، گرفتار جوابدار سندس ٻين ساٿين سان گڏ محمود آباد، چنيسر گوڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦرلٽ، اسٽريٽ ڪرائم، ٽارگيٽ ڪلنگ، هفتو ڪليڪشن ۽ منشيات فروشن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.

گرفتار جوابدارن خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ 25 کان وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ڪيا ويا آهن.

گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment