سڄي ملڪ ۾ 8 کان 16 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري سخت پريشان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سڄي ملڪ ۾ 8 کان 16 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب شهرين کي سخت گرمي ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 500 ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي. هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 15 هزار 400 ميگا واٽ آهي، جڏهن ته بجلي جي طلب 22 هزار ميگا واٽ تائين رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ذريعن کان بجلي جي پيداوار ۾ هائيڊرو پاور 1500 ميگا واٽ جڏهن ته ٿرمل ذريعن مان 9250 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي.

اهڙي طرح سولر پاور پلانٽس 400 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ بيگاس مان بجلي جي پيداوار 200 ميگا واٽ تائين آهي.

ان کان علاوه ونڊ پاور پلانٽس مان 1200 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ائٽمي پاور پلانٽس جي پيداوار 2850 ميگا واٽ تائين پهچي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment