شاهراهه قائدين سوسائٽي قبرستان ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
تفصيل موجب فيروز آباد ٿاڻي جي حد شاهه قائد سوسائٽي قبرستان وٽ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات وچ ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ عادل محمود طور ٿي آهي، جنهن وٽان هڪ پستول ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
واقعي جي مختلف سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ مقتول جوابدار جي ساٿين کي به هٿ ڪيو ويو آهي.
شارع فيصل روڊ تي واقعي دوران جوابدارن ڪار سوار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي.
پوليس موجب، مارجي ويل جوابدار کي بهادر آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڦر، موٽرسائيڪل ڦرڻ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.


