ڀارت ۾ 4 سالن کانپوءِ پيٽرول جي اگهن ۾ 3 رپيا واڌ مخالف ڌر جو سخت احتجاج

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


وچ اوڀر ۾ جنگ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 3 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اهو اضافو 4 سالن کانپوءِ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 97 رپيا 77 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت 90 رپيا 67 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

ٻئي طرف اپوزيشن پارٽي ڪانگريس پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت پنهنجي چونڊ خرچن جي وصولي لاءِ عوام تي غير ضروري مالي بار وڌو آهي.

ڀارت ۾ ٻين سياسي پارٽين به احتجاج ڪيو ۽ روڊن تي نڪري آيا، پيٽرول جي اگهن ۾ 4 سالن کانپوءِ 3 رپيا واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. حڪومت مخالف نعرا هنيا ويا.

مودي حڪومت کي سوشل ميڊيا تي به سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪجهه صارفين سوال ڪيو ته جيڪڏهن تيل جو بحران نه هو ته هاڻي قيمتن ۾ اوچتو واڌ ڇو ڪئي وئي ۽ هنن چونڊن کان پوءِ ايندڙ صورتحال تي به شڪ پيدا ڪيو.

ٻئي طرف مودي حڪومت جو چوڻ آهي ته ايران جنگ ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب قيمتن ۾ اضافو ناگزير هو پر حڪومت ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ هن وقت تيل جي بحران جو شڪار آهي.

ياد رهي ته ڀارت ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ استحڪام جا بنيادي سبب روس کان رعايتي قيمتن تي خام تيل جي خريداري، ڪرنسي جي قدر ۾ استحڪام، مقامي سطح تي وڏي ريفائنري ڪمپني جي موجودگي ۽ گهٽ ٽيڪس آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment