ڀارت جو پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جو خواب ٽٽي ويو، جڏهن ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو اڳوڻو سربراهه اي ايس دلت به ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي.
ڀارت پهرين ڏينهن کان پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ناڪام ڪوششن ۾ مصروف آهي، پر سمورن وسيلن، بين الاقوامي لابنگ ۽ پراڪسين جي باوجود هو پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.
را جي اڳوڻي سربراهه اي ايس دولت پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته ڀارت کي غلط فهمي آهي ته پاڪستان ٽٽندو، جڏهن ته پاڪستان ڪڏهن به نه ٽٽندو.
هن اعتراف ڪيو ته ڀارت جي پاڪستان خلاف دهشتگردي جي داستان باوجود ان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
اي ايس دلت موجب موجوده صورتحال ۾ ڀارت پاڻ سفارتي ۽ سياسي اڪيلائي طرف وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي عالمي سطح تي وڌيڪ اهميت ۽ توجه ملي رهي آهي.
را جي اڳوڻي سربراهه چيو ته آمريڪي صدر پاڪستان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پنهنجو پسنديده فيلڊ مارشل قرار ڏنو آهي، پاڪستان ثالث جي حيثيت سان متوازن، فعال ۽ ذميوار سفارتي ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان سندس عالمي شهرت مضبوط ٿي.
اي ايس دولت چيو ته ڪشمير جو هڪ پوشيده پاسو اهو آهي ته اتي اڃا به پريشاني، غير يقيني صورتحال ۽ احساس محرومي موجود آهي.
ماهرن موجب را جي اڳوڻي سربراهه پاڪستان خلاف ڀارتي سازشن جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي مودي حڪومت کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ثبوتن سان عالمي فورمن تي ڀارت جي پاڪستان مخالف سرگرمين کان دنيا کي آگاهه ڪري چڪو آهي.


