ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ڪنهن به هڪ طرفي ڪارروائي سان خطي جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي عراق جي دوري تي آهي، جتي هن عراقي پرڏيهي وزير فواد حسين سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
عراقي پرڏيهي وزير چيو ته عباس عراقچي آمريڪا سان مفاهمت بابت آگاهه ڪيو، عراقي جو دورو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت کانپوءِ اهم آهي. عباس عراقچي سان آبنائے هرمز جي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته آبنائي هرمز جي بندش سان عراقي تيل جي فراهمي بند ٿي وئي، جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته سڄو خطو تباهي طرف ويندو.
ان موقعي تي عباس عراقچي چيو ته منهنجو بغداد جو دورو جنگ کان پوءِ پيدا ٿيل خاص صورتحال جي تناظر ۾ آهي. نئين عراقي حڪومت سان تعاون جاري رکڻ جو عزم ڪيو. نئين عراقي حڪومت کي مبارڪون. تعاون ۽ حمايت لاء عراق جي مهرباني.
هن چيو ته هو عراق سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن، عراقي هم منصب کي آمريڪا سان مفاهمت جي ياداشتن جا تفصيل ٻڌايان. اسٽريٽ آف هرمز ۾ رڪاوٽون هٽائڻ کانپوءِ صورتحال معمول تي اچي ويندي.
عباس عراقچي چيو ته آبنائي هرمز ايندڙ 30 ڏينهن تائين مڪمل ايران جي قبضي ۾ رهندو، آبنائے هرمز جي نگراني ۽ انتظام رڳو ايران وٽ آهي، ڪنهن به هڪ طرفي ڪارروائي سان صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.


