بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور ۽ مشهور ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتيحي کي 2022 جي منشيات ڪيس ۾ بري ڪيو ويو آهي. جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ممبئي پوليس واضح ڪيو آهي ته ٻنهي شخصيتن خلاف ڪو به ٺوس ثبوت نه آهي. پوليس اختيارين موجب تفصيلي جاچ کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته شرڌا ڪپور، نورا فتحي ۽ ٻين نالي وارن جو منشيات جي نيٽ ورڪ سان ڪو به تعلق ثابت نه ٿي سگهيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس دوران ڪنهن به مشهور شخصيت کي ملوث ڪرڻ جا ثبوت نه مليا، جنهن بعد کين ڪلين چٽ ڏني وئي. اهو ڪيس آگسٽ 2022 ۾ سامهون آيو جڏهن ممبئي جي ڪرائم برانچ ۽ اينٽي نارڪوٽڪس سيل هڪ مبينا منشيات فروش سليم سهيل شيخ کي گرفتار ڪيو. ڪارروائي دوران سندس قبضي مان هڪ لک 99 هزار ڀارتي روپين جي ماليت جو ميفيڊرون هٿ ڪيو ويو. جوابدار جاچ دوران دعويٰ ڪئي ته هو مختلف واقعن ۾ شرڪت ڪندڙن کي منشيات فراهم ڪندو رهيو آهي. بعد ۾ 2025 ۾ اينٽي نارڪوٽڪس سيل ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جن ۾ شوبز جي ڪيترن ئي مشهور شخصيتن به شامل آهن. جڏهن ته جاچ دوران ڪنهن به شخص خلاف منشيات جي استعمال يا ترسيل بابت ڪو به ثبوت نه ملي سگهيو آهي. پوليس موجب ان ڪيس ۾ ٽن جوابدارن خلاف اڳڀرائي چالان پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ گرفتار جوابدارن ۽ هڪ مفرور جوابدارن خلاف ضمني چالان جلد پيش ڪيو ويندو.
Source link

شرڌا ڪپور ۽ نورا فتيحي خلاف منشيات ڪيس جو وڏو فيصلو اچي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

