لنڊن جي ميئر صادق خان چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته صدر ٽرمپ مون ۾ ايتري دلچسپي ڇو رکي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته آمريڪي صدر مون تي ڪاوڙيل هجي.
لنڊن جي ميئر صادق خان جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي ردعمل سامهون اچي ويو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ ميئر صادق خان چيو ته مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته صدر ٽرمپ جي مٿي ۾ منهنجي لاءِ ايتري گنجائش ڇو آهي؟
لنڊن جي ميئر صادق چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته صدر ٽرمپ مون ۾ ايتري دلچسپي ڇو رکي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته آمريڪي صدر مون تي ڪاوڙيل هجي.
ميئر صادق خان چيو ته شايد ان جو سبب اهو آهي ته مان ترقي پسند، گهڻ ثقافتي، لبرل ۽ ڪامياب شهر جو ميئر آهيان. صادق خان چيو ته ”لي ڪوان يو“ گذريل هفتي بهترين شهر جو ايوارڊ ماڻيو، ٿي سگهي ٿو اها ٽرمپ کي ناراض ڪري.
ياد رهي ته صدر ٽرمپ ۽ سر صادق خان وچ ۾ اختلاف 2015 کان جاري آهن، صدر ٽرمپ صادق خان کي خراب ماڻهو ۽ برطانيا جو خوفناڪ نمائندو قرار ڏنو هو.


