آمريڪي جنگ واري وزير پيٽ هيگسٿ ايران آمريڪا جنگ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ پرخلوص دوستي وڌي رهي آهي. سنگاپور ۾ ٽن ڏينهن واري سيڪيورٽي ڪانفرنس شنگري لا ڊائلاگ ۾ سوالن جوابن جي سيشن کي خطاب ڪندي آمريڪي جنگ واري وزير پيٽ هيگسٿ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. ڀارت سميت ڏکڻ ايشيائي ملڪن سان آمريڪا جي دفاعي سهڪار بابت هڪ سوال تي هن چيو ته مون تقرير ۾ ڀارت جي ڳالهه ڪئي پر پاڪستان جي ڳالهه آساني سان ڪري سگهان ٿو ۽ امن ڳالهين لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ غير متوقع ترقي ۽ حقيقي دوستي وڌي رهي آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ اهم آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري ان حقيقت مان به ظاهر ٿئي ٿي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل سال ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. پاڪستان ۽ ڀارت جي ايٽمي طاقت جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کان سمجھ ۾ ايندڙ خطرو محسوس ڪري رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو اسان انهن مان ڪجهه کي مختلف انداز سان ڏسون ۽ ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت وڌائڻ چاهيندا. هن چيو ته اسان هن وقت ڪنهن به ملڪ تي آڱر نه کڻي رهيا آهيون ۽ نه ئي اسان کي خطرو قرار ڏئي رهيا آهيون. آمريڪا ٻنهي ملڪن جو شڪر گذار آهي ڇو ته هنن امن ذريعي دنيا کي فائدو پهچايو آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل سال پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ان جي ترديد ڪئي هئي پر پاڪستاني عملدارن ٽرمپ جي واکاڻ ڪئي هئي.
Source link

پاڪ آمريڪا پرخلوص دوستي کي فروغ ڏنو پيو وڃي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: آمريڪي وزير
Leave a Comment Leave a Comment

