ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين ۽ پيغامن جي مٽا سٽا جو سلسلو اڃا جاري آهي پر حتمي طور ڪجهه نٿو چئي سگهجي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سرڪاري ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا سان ڳالهيون ۽ پيغام جاري آهن. هن چيو ته اسان قياس آرائي کي اهميت نٿا ڏئي سگهون ۽ جيستائين واضح نتيجا نه ٿا اچن تيستائين ڳالهين بابت حتمي فيصلو نه ٿا ڪري سگهون. عباس عراقچي جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان جيڪو ڪجهه چيو پيو وڃي اهو قياس آهي ۽ اسان کي انهن ڳالهين کي ان وقت تائين سنجيدگيءَ سان نه وٺڻ گهرجي جيستائين اها ڳالهه واضح نه ٿي وڃي.
Source link

آمريڪا سان ڳالهيون ۽ پيغامن جي مٽاسٽا جاري آهي، ايراني پرڏيهي وزير
Leave a Comment Leave a Comment

