عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

سومر تي عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 38 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 576 ڊالر ۽ مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به سون جو في تولو اگهه 3 هزار 800 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 79 هزار 962 رپيا رهيو.

اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جو اگهه 3 هزار 257 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 11 هزار 490 رپيا ٿي ويو.

سون جي اگهه سان گڏ في تولو چاندي جو اگهه 100 رپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 914 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه 86 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 784 رپيا ٿي ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment