ڪراچي، اتحاد ٽائون، آفريدي چوڪ، مسيحي پاڙي ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد ۾ اتحاد ٽائون آفريدي چوڪ مسيحي پاڙي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ سول اسپتال نيو ويو.

ايس ايڇ او طاهر خان جو چوڻ هو ته شروعاتي اطلاعن موجب فائرنگ جو واقعو ذاتي دشمني جو لڳي، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ 21 ورهين جي بلال، 29 ورهين جي جون ۽ رب نواز طور ٿي آهي.

زخمي 2 ڄڻا گهر ٻاهران ويٺا هئا ته اڻڄاتل جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته زخمي ٿيل رهواسي ربنواز به فائرنگ جي زد ۾ اچي ويو.

پوليس کي واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پستول جا خول مليا آهن، جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدارن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي پڻ ٿي ويو، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment