عاليا ڀٽ کي ايئرپورٽ تي جنسي هراسان ڪيو ويو، اڳوڻي گارڊ جو انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ کي پنهنجي فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر“ جي رليز کانپوءِ ايئرپورٽ تي اوچتو ۽ پريشان ڪندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو.

اهڙو انڪشاف سندس اڳوڻي باڊي گارڊ ذيشان قريشي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو.

ذيشان موجب اميگريشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عاليه هڪ ڪنڊ ۾ اڪيلي بيٺي هئي جڏهن ته سندس ٽيم جا باقي ماڻهو قطار ۾ بيٺا هئا.

ان دوران ايئرپورٽ اسٽاف ۽ ڪسٽم عملدارن کيس سڃاڻي ورتو ۽ سندس چوڌاري تصويرون ڪڍڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لڳا.

ذيشان جو چوڻ هو ته شروعات ۾ ڪجهه ماڻهن فوٽوز جو مطالبو ڪيو پر جلد ئي هجوم وڌي ويو ۽ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي، ’ماڻهو تمام ويجهو آيا ۽ عاليه وچ ۾ دٻجي وئي، ڪجهه ماڻهن سندس ڪلهن ۽ ڳچيءَ وٽ هٿ رکڻ جي به ڪوشش ڪئي، جنهن سان اداڪاره واضح طور تي خوفزده ٿي وئي.

ذيشان قريشي جو چوڻ هو ته هو جيئن ئي اميگريشن مڪمل ڪري ٻاهر نڪتو ته هن فوري طور تي عاليه وٽ پهتو ۽ ماڻهن کي واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي.

هن سڀني کي ياد ڏياريو ته هو هڪ مشهور شخصيت آهي ۽ هڪ انسان آهي جنهن کي ذاتي جاء جي ضرورت آهي.

بعد ۾ هن عاليا ڀٽ کي حفاظت سان وٺي ويو ۽ يقين ڏياريو ته هوءَ ڪنهن به پريشاني کي منهن نه ڏئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment