اسلام آباد:
چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽيڪس ڪيسن جي بروقت فيصلن، ادارن ۾ رابطا وڌائڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس جو چيئرمين شاد محمد خان، چيئرمين ايف بي آر شرڪت ڪئي جڏهن ته هاءِ ڪورٽن جي نامزد ججن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
چيف جسٽس چيو ته ٽيڪس تڪرارن جو موثر ۽ بروقت حل عوام جي اعتماد کي وڌائڻ ۽ گورننس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ناگزير آهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب فورم کي پنهنجي تازي فيصلي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٽيڪس ڪيسن ۾ طريقيڪار جي رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ سڌارن جي تجويز ڏني وئي.
هاءِ ڪورٽ جي ججن ٽيڪس ڪيسن ۾ مسئلن ۽ طريقيڪار جي خامين تي اصلاحي قدمن جي تجويز ڏني آهي. اجلاس ۾ ٽيڪس معاملن جي موثر انتظام ۽ هاءِ ڪورٽن جي فيصلن تي هڪ جامع ڊيٽابيس تيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.
چيئرمين ايف بي آر يقين ڏياريو ته اجلاس جي تجويزن تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو.
ايف بي آر جي آءِ ٽي ونگ کي لاڳاپيل ڪيسن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي آهي جڏهن ته ڊائريڪٽر سطح جا آفيسر هر هاءِ ڪورٽ ۾ ٽيڪس ڪيسن لاءِ نامزد ڪيا ويندا.


