نيو ڪراچي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب مڙس سڙي فوت ۽ زال سخت زخمي ٿي پئي. تفصيل موجب آچر جي صبح نيو ڪراچي جي سيڪٽر 11 جي لالا گل پارڪ ڀرسان گهر نمبر اي 14 ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جيڪا تيزيءَ سان پکڙجي وئي. باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ تي ڪي ايم سي جي فائر برگيڊ جي گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. فائر برگيڊ عملي ڪجهه دير بعد گهر ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو. هوڏانهن باهه لڳڻ سبب گهرن جو سامان سڙي رک ٿي ويو. باهه لڳڻ سبب فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ 40 ورهين جي ارشد ۽ سڙي فوت ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ 36 ورهين جي شيشا طور ٿي آهي. فائر برگيڊ عملدارن موجب گهر ۾ باهه لڳڻ جو سبب فوري طور معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
Source link

ڪراچي؛ گهر ۾ باهه لڳڻ دوران مڙس سڙي فوت، زال زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

