وفاقي ۽ صوبائي لا آفيسرن جي مقرري لاءِ لازمي اهليت جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
دستاويزن موجب وفاق ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ لاءِ اهليت هجڻ ضروري آهي. اهڙي طرح پنجاب ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي سپريم ڪورٽ جو وڪيل هجڻ ضروري آهي.
پنجاب ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ وکالت جو 10 سالن جو تجربو لازمي آهي. سنڌ ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل لاءِ هاءِ ڪورٽ جو تجربو 7 سالن کان گهٽ نه هجڻ گهرجي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل لاءِ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيڻ جي اهليت لازمي آهي.
اهڙي طرح بلوچستان ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل لاءِ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل طور 3 سالن جو تجربو لازمي آهي.
ان کان علاوه ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ ڊپٽي اٽارني جنرلز جي ماهوار الائونس جا تفصيل به سامهون آيا آهن.
دستاويزن موجب ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو ماهوار الائونس 7 لک 26 هزار رپيا آهي. پنجاب ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار الائونس 6 لک 90 هزار رپيا آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار الائونس 5 لک 76 هزار رپيا آهي. وفاق ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل جو ماهوار الائونس 3 لک 90 هزار رپيا آهي. بلوچستان ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار الائونس 3 لک 10 هزار 400 رپيا آهي.
اهڙي طرح پنجاب ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار الائونس 5 لک 70 هزار رپيا آهي. سنڌ ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار الائونس 4 لک 94 هزار رپيا آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار الائونس 4 لک 22 هزار رپيا آهي. بلوچستان ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار الائونس 2 لک 30 هزار رپيا ۽ وفاق ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل جو ماهوار الائونس 2 لک 4 هزار رپيا آهي.


