عيد جي ڏينهن اسمگلنگ جي وڏي ڪوشش ناڪام، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پشاور:

عيد جي موقعي تي اختيارين وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري اسمگلنگ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

ترجمان موجب ايڪسائيز کاتي منشيات جي خلاف اهم ڪارروائي ڪندي 72 ڪلو چرس ۽ 5 ڪلو برف هٿ ڪري ورتي. عيد جي موقعي تي چارسده روڊ تي ناگمان ڀرسان ان ڪارروائي ۾ منشيات اسمگلنگ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.

ايڪسائيز بيورو آف انٽيليجنس جي ڪارروائي دوران هڪ گاڏي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي. اي آءِ بي جي ٽيم صوبائي انچارج عاڪف نواز خان جي نگراني ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.

ايڪسائيز کاتي موجب ايڪسائيز پوليس اسٽيشن پشاور ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اينٽي نارڪوٽڪس آپريشن تيز ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment