طالبان جي حڪومت ۾ جاري معاشي بحران، غربت ۽ خوراڪ جي کوٽ افغان شهرين جي زندگي انتهائي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي.
بي بي سي موجب گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ هر 4 مان 3 ماڻهو بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان قاصر آهن.
نوجوان بيروزگار آهن، صحت جو نظام تباهه حال آهي ۽ 4.7 ملين افغان شهري ڏڪار جي ڪناري تي آهن. افغانستان جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب مريضن جا وارث بازار مان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
طالبان حڪومت جي ناقص پاليسين افغانستان کي بک، تباهي ۽ عالمي اڪيلائي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
ماهرن موجب افغان عوام بدانتظامي ۽ معاشي تباهي جي قيمت بک، غربت ۽ بيروزگاري جي صورت ۾ ادا ڪري رهي آهي.


