فرانس جي پارليامينٽ پهريون يورپي ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي جو قانون پاس ڪيو آهي جنهن سبب سوشل ميڊيا جي ٻارن جي صحت ۽ حفاظت تي منفي اثر پون ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب فرانس جي جونيئر وزير اي اين لي هينيف جو چوڻ آهي ته فرانس ڊجيٽل ميچورٽي اختيار ڪرڻ وارو يورپ جو پهريون ملڪ بڻجي ان عمل جي راهه هموار ڪري رهيو آهي.
فرانسيسي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن، سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي واري قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سينيٽ ۾ حق ۾ 243 ۽ مخالفت ۾ 2، قومي اسيمبليءَ حق ۾ 279 ۽ مخالفت ۾ 81 ووٽ ڏنا.

فرانس يورپ جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، جڏهن ته آسٽريليا دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو جنهن گذريل ڊسمبر ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن طرفان فيس بڪ، اسنيپ چيٽ، ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
فرانسيسي صدر ايممنول ميڪرون چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته قانون ايندڙ سال جي تعليمي سيشن جي شروعات تي عمل ۾ اچي.
رپورٽ موجب اهو قانون نون ٺاهيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس لاءِ تعليمي سال جي شروعات کان سيپٽمبر ۾ لاڳو ٿيندو، جڏهن ته ان تاريخ کان اڳ ٺاهيل اڪائونٽس تي اهو جنوري جي شروعات کان لاڳو هوندو.
مٿي ڄاڻايل قانون تحت هاءِ اسڪولن ۾ موبائيل فون جي استعمال تي پابندي جو دائرو به وڌايو ويو آهي ۽ قانون موجب سوشل ميڊيا جي استعمال لاءِ فرانس جي پرائيويسي ريگيوليٽر کان عمر جي تصديق به لازمي هوندي.


