فلسطين ۾ مڪاني چونڊن جو اعلان، هزارين اميدوار ميدان ۾

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


فلسطين ۾ پنجون مڪاني چونڊون 25 اپريل 2026 تي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ تياريون جاري آهن. اهي چونڊون مقامي سطح تي جمهوري عمل کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم قرار ڏنيون پيون وڃن.

فلسطيني ڪابينا جي فيصلي تحت نوان چونڊ قانون لاڳو ڪيا ويا آهن. انهن ضابطن جي مطابق، ٻه مختلف چونڊ نظام اختيار ڪيا ويندا، جنهن ۾ ميونسپل ڪائونسلن لاءِ اوپن لسٽ سسٽم ۽ ڳوٺاڻي ڪائونسلن لاءِ انفرادي اميدوارن تي ٻڌل اڪثريت وارو نظام شامل هوندو.

رپورٽن مطابق مجموعي طور تي 420 مڪاني ادارن لاءِ چونڊون ٿيڻيون هيون پر اڪثر ڏاکڻين علائقن خاص ڪري غزه جي پٽي ۾ سيڪيورٽي ۽ ٻين سببن جي ڪري چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ديرالبلاح ميونسپلٽي ۾ چونڊون شيڊول موجب ٿينديون.

ميونسپل اليڪشن ۾ ڪل 3 هزار 773 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جن ۾ عورتن جي به وڏي شرڪت نظر اچي رهي آهي. ٻئي طرف ڳوٺاڻن ڪائونسلرن جي چونڊن ۾ 1358 اميدوار ميدان ۾ آهن.

ماهرن موجب انهن چونڊن جو انعقاد فلسطين ۾ مقامي سطح تي جمهوري نظام کي مستحڪم ڪرڻ ۽ عوامي نمائندگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته غزه ۾ چونڊن جي ملتوي ٿيڻ ان عمل کي جزوي طور متاثر ڪيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment