سين ڊياگو جي مرڪزي مسجد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي گارڊ سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سان ڊياگو:

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سين ڊياگو ۾ وڏي اسلامي مرڪز ۾ خوفناڪ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، حملي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي گارڊ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٻه مبينا حملي آور پڻ مارجي ويا.

آمريڪي اختيارين موجب واقعو سين ڊياگو جي مشهور اسلامڪ سينٽر ۾ پيش آيو، جتي اوچتو فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.

ان دوران مسجد ۾ نمازين ۽ ٻارڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته حملي آورن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران سيڪيورٽي گارڊ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي کانپوءِ پوليس، ايف بي آءِ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو.

سين ڊياگو پوليس چيف موجب، ابتدائي جاچ مان معلوم ٿئي ٿو ته واقعو نفرت جي بنياد تي حملو ٿي سگهي ٿو.

اختيارين چيو ته ٻه شڪي حملو ڪندڙ نوجوان هئا ۽ انهن جا لاش مسجد جي ويجهو هڪ گاڏي مان مليا آهن.

اسلامڪ سينٽر جي انتظاميا موجب هي مسجد سين ڊياگو ڪائونٽي جو سڀ کان وڏو اسلامي مرڪز آهي، جتي روزانو سوين ماڻهو عبادت لاءِ اچن ٿا، جڏهن ته هزارين ماڻهو جمعي جي ڏينهن ۽ مذهبي تقريب ۾ به اچن ٿا.

هن مرڪز ۾ ديني ۽ تعليمي سرگرميون به جاري آهن ۽ الرشيد اسڪول به قائم آهي.

مسجد جي امام طحٰه حسنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حملي جي باوجود ٻارڙن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، جنهن سان وڏو سانحو ٽٽي ويو. هن سيڪيورٽي گارڊ جي قرباني کي بهادري جو مثال قرار ڏنو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment