والاريل ڪشمير ۾ مذهبي تعصب جي بنياد تي مسلمانن خلاف قابض ڀارت جون ڪارروايون جاري آهن.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


مذهبي تعصب ۾ مبتلا مودي حڪومت ڪٺ پتلي ادارن ذريعي مدرسن ۽ مذهبي اسڪولن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو.

ڀارتي سڌ سماءَ واري اداري پريس ٽرسٽ آف انڊيا موجب ڀارتي قومي جاچ اداري (اين آءِ اي) سرينگر ۽ شوپيان ۾ ٽن مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا.

ميڊيا موجب اين آءِ اي شوپيان ۾ جامعه سراج العلوم تي ڇاپو هنيو جنهن کي ڀارتي حڪومت اڳ ئي غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي. اين آءِ اي اهلڪارن شوپيان جي امام صاحب واري علائقي ۾ واقع هڪ اسڪول جي به تلاشي ورتي.

پريس ٽرسٽ آف انڊيا موجب مرڪزي ايجنسي جي هڪ ٻي ٽيم مولو چٽگانگ ۾ جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير پرنس اورنگزيب جي گهر تي ڇاپو هنيو، مرڪزي ايجنسي سرينگر جي لال بازار واري علائقي ۾ جامعه البنات تي ڇاپو هنيو ۽ عورتن کي حراسان ڪيو.

ماهرن موجب والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذهبي ۽ تعليمي ادارن تي اين آءِ اي جا ڇاپا فاشسٽ مودي حڪومت جي مسلمان دشمن ۽ ظالماڻي ايجنڊا جو واضح ثبوت آهن. ڀارت ڪشميرين جي آواز کي طاقت ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته بنيادي انساني ۽ سياسي حقن کان مسلسل انڪار ڪيو پيو وڃي.

عالمي برادري ۽ انساني حقن جون تنظيمون والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو فوري نوٽيس وٺن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment