فيفا ورلڊ ڪپ: برطانيه ارجنٽائن جي فاڪلينڊ بينر تي ناراض، تحقيقات جو مطالبو ڪيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ برطانيا ارجنٽائن جي رانديگرن پاران سياسي بينر لڙڪائڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي فيفا کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ميچ جي پڄاڻي تي ارجنٽائن جي رانديگرن جشن ملهائيندي هڪ بينر بلند ڪيو جنهن تي اسپينش ۾ لکيل آهي ”لاس مالويناس پٽ ارجنٽينا“ جنهن جو مطلب آهي فاڪلينڊ ٻيٽ ارجنٽينا سان تعلق رکن ٿا. برطانوي ميڊيا موجب برطانوي ڪاروباري وزير پيٽر ڪائل چيو آهي ته ميدان تي سياسي پيغام سان بينر هڻڻ فيفا جي ضابطن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، فٽبال جو عالمي ادارو راند جي ميدان تي سياسي نشانين ۽ پيغامن جي اجازت نٿو ڏئي. هن مطالبو ڪيو ته فيفا معاملي جي مڪمل جاچ ڪري مناسب ڪارروائي ڪري. ان دوران برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي ڊائوننگ اسٽريٽ آفيس به ان مطالبي جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ورلڊ ڪپ شايد اسان جو نه هجي، پر فاڪلينڊ ٻيٽ ضرور برطانيه جا آهن. ياد رهي ته فاڪلينڊ ٻيٽ، جنهن کي ارجنٽائن مالويناس سڏيندو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪن کان تڪرار هلي رهيو آهي. ارجنٽائن 1982 ۾ ٻيٽن تي قبضو ڪيو، پر برطانيه هڪ مختصر جنگ کان پوء ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪيو. ارجنٽائن جا 649 فوجي ۽ 255 برطانوي سپاهي هن جنگ ۾ مارجي ويا. ٻئي طرف فيفا طرفان هن معاملي تي اڃا تائين ڪو به باضابطه ردعمل جاري ناهي ڪيو ويو. ان دوران ارجنٽائن جي سيمي فائنل ۾ فتح کانپوءِ ملڪ جي پرڏيهي وزير پابلو ڪارنو پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت فاڪلينڊ ٻيٽ جي ويجهو برطانوي جنگي جهاز ايڇ ايم ايس ميڊ وي جي مبينا حرڪت تي برطانيه خلاف سفارتي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. ياد رهي ته سيمي فائنل کان اڳ ارجنٽائن جي نائب صدر وڪٽوريا ولاريل به انگلينڊ کي غاصب قزاق قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي ڇڏي هئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment