عورتن جو ٽي 20 ورلڊ ڪپ، لنڊن جي واٽر لو برج تي هڪ ڪرڪيٽ فيسٽيول

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ لنڊن جي مشهور واٽر لو برج کي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ڪپتانن لاءِ ٽرافي سان گڏ فوٽو سيشن جي تقريب منعقد ڪئي وئي.

تفصيل موجب 12 ٽيمن جا ڪپتان اسپيشل ڊبل ڊيڪر بس ذريعي پل تي پهتا ۽ اتي قائم عارضي پچ تي مداحن سان ڪرڪيٽ جي مختلف سرگرمين ۽ دلچسپ پروگرامن ۾ حصو ورتو.

تقريب کي ڪپتانن جي ڪارنيوال طور بليو ويو جنهن ۾ مداحن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان دوران اسٽريٽ ڪرڪيٽ، تفريحي مقابلن ۽ ثقافتي سرگرمين سڄي ماحول کي رنگين ميلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي شروعات 12 جون تي برمنگهم ۾ ميزبان انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ سان ٿيندي، جڏهن ته فائنل 5 جولاءِ تي لارڊز ۾ کيڏيو ويندو.

ٽورنامينٽ ۾ انگلينڊ، ڀارت، آسٽريليا، بنگلاديش، آئرلينڊ، هالينڊ، نيوزيلينڊ، پاڪستان، اسڪاٽ لينڊ، ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment