فيفا ورلڊ ڪپ جو سنسني خیز فائنل اڄ اڌ رات جو ارجنٽائن ۽ اسپين وچ ۾ نيو جرسي ۾ کيڏيو ويندو، ارجنٽائن جو ليونل ميسي ۽ اسپين جو لامين يامل مداحن جي خاص ڌيان جو مرڪز هوندو.
پاڪستاني وقت موجب فائنل ميچ رات 12 وڳي شروع ٿيندي جيڪا سرڪاري اسپورٽس ٽي وي تي لائيو ڏيکاري ويندي، ان کان علاوه ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ شائقين کي وڏي اسڪرين تي ميچ ڏسڻ جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو.
فائنل کان اڳ نيويارڪ جي نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ ثقافتي پرفارمنس سان شاندار تقريب منعقد ڪئي ويندي. ميچ کان اڳ واري تقريب ۾ آمريڪي ڳائڻي ۽ ريپر پوسٽ مالون شرڪت ڪندي، جڏهن ته اي او او ٽي ايوارڊ ماڻيندڙ ڳائڻي جينيفر هڊسن قومي ترانو پيش ڪندي.
دنيا جو مشهور پاپ اسٽار جسٽن بيبر، ميڊونا، شڪيرا، مشهور ڏکڻ ڪوريا بينڊ بي ٽي ايس، نائيجيريا جي ڳائڻي برنا بوائي ۽ مشهور وينزويلا جي آرڪيسٽرا ڪنڊڪٽر گسٽاوو ڊوڊمل هاف ٽائيم شو ۾ پرفارم ڪندا.
فيفا اعلان ڪيو آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فاتح کي پهريون ڀيرو روايتي ٽرافي ۽ گولڊ ميڊلن سان گڏ خاص چيمپيئن شپ رِنگس ڏنا ويندا. فيفا جي ڪنهن ٽورنامينٽ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هوندو جڏهن کٽيندڙ ٽيم کي اهڙو اعزاز ڏنو ويندو.
فائنل کان اڳ، نيو يارڪ ۾ هوٽل جا اگهه وڌي ويا، مداحن کي $150 ۽ $4,500 جي وچ ۾ چارج ڪيو پيو وڃي.


