ڊيلاس:
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پهرين سيمي فائنل ۾ اسپين فرانس کي 0-2 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ڊيلس ۾ کيڏي ويندڙ سنسني خیز ميچ ۾ اسپينش ٽيم شروع کان ئي فرانس تي غلبو برقرار رکيو ۽ پنهنجي مضبوط حڪمت عملي سبب ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
اسپين لاءِ پهريون گول 24هين منٽ ۾ اوئرزابال پينالٽي اسپاٽ تان ڪيو، جنهن کانپوءِ پيڊرو پورو 58هين منٽ ۾ هيڊر ڪري پنهنجي ٽيم جي برتري کي مضبوط ڪري ڇڏيو.
ان فتح سان اسپين 16 سالن کانپوءِ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ واپسي ڪئي. اسپين آخري ڀيرو 2010 ۾ فائنل ۾ کيڏيو هو جتي هو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو هو. هي اسپين جي تاريخ ۾ ٻيون ورلڊ ڪپ فائنل هوندو.
ٻئي طرف فرانس جي ٽيم مسلسل ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ فائنل کيڏڻ جو خواب پورو نه ڪري سگهي ۽ ان جو سفر سيمي فائنل ۾ ئي ختم ٿي ويو.
هاڻي ورلڊ ڪپ 2026 جو ٻيو سيمي فائنل ارجنٽائن ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن جي فاتح ٽيم فائنل ۾ اسپين کي منهن ڏيندو.


