مصر فيفا ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا کي پينلٽي شوٽ آئوٽ ۾ 2-4 تان شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪري ورتي ۽ پهريون ڀيرو ناڪ آئوٽ اسٽيج کٽي ورتو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ مقرر وقت ۽ اضافي وقت جي پڄاڻي تي 1-1 گول جي برابر رهي، جنهن کانپوءِ فيصلو پينلٽس تي ڪيو ويو.
پينالٽي شوٽ آئوٽ ۾ حسام عبدالمجيد فيصلائتي ڪڪ ڪئي، جڏهن ته آسٽريليا جي هيري سائوٽر ۽ لوڪاس هيرنگٽن پنالٽي شوٽ آئوٽ کي مس ڪيو.
فتح کان پوءِ مصر جي هيڊ ڪوچ حسام حسن هن تاريخي فتح کي فلسطيني عوام جي نالي ڪندي چيو ته دعا آهي ته الله تعالٰي فلسطينين کي ڪاميابيون عطا فرمائي ۽ شهيدن تي رحم فرمائي.
https://www.instagram.com/p/DaWYoqKFH4G/?utm_source=ig_web_copy_link&igsh=NTc4MTIwNjQ2YQ==
هن چيو ته اها فتح مصري عوام ۽ فلسطيني ڀائرن جي آهي.
https://x.com/leylahamed/status/2073160639120368066?s=20
فتح کانپوءِ حسام حسن مصر ۽ فلسطين جا جهنڊا کڻي ميدان ۾ نظر آيا، جڏهن ته رانديگرن سجدو پڻ ڪيو.
https://x.com/leylahamed/status/2073176436383383704?s=20
https://x.com/doctor_rahmeh/status/2073151359583473672?s=20
غزه ۾ به مصر جي ڪاميابي جو جشن ملهايو ويو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ فلسطيني مداحن کي بم ڌماڪي وارن علائقن ۽ عارضي خيمن ۾ ميچ ڏسي ۽ مصر جي فتح جو جشن ملهائيندي ڏٺو ويو.


