آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ 10 ڏينهن جي جنگ بندي جو اعلان ڪيو ۽ ايران سان امن معاهدي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ملاقات هفتي جي آخر ۾ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن معاملو نه ٿيو ته جنگ ٻيهر شروع ٿي ويندي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جنگ بندي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت ناهي. ايران جيڪو اڳ ۾ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، سو هاڻي تيار آهي.
ٽرمپ موجب ايران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هو ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو ۽ نه ئي رکندو، پر پنهنجي ايٽمي مٽي به اسان جي حوالي ڪندو.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران وٽ هاڻي ڪو اڳواڻ ناهي ۽ نه ئي ان وٽ ايئر فورس، نيوي ۽ آرمي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران سان سٺي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. پاڪستان تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ايران سان ڪو معاهدو ٿيو ته مان پاڪستان وڃي سگهان ٿو.
سيز فائر ڳالهين ۾ پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته ٻئي عظيم ماڻهو آهن.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن اڄ لبناني صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم سان سٺي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻئي جنگبندي تي متفق آهن.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هو نيتن ياهو ۽ لبناني صدر سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي.


