قطر جي راس لافن انڊسٽريل سٽي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مائع قدرتي گئس (LNG) پلانٽ ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو.
عرب ميڊيا موجب بارزان گيس سپلائي سينٽر ۾ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ايران جنگ ۾ پلانٽ جي بندش کانپوءِ ٻيهر آپريشن شروع ڪرڻ جو ڪم جاري هو.
قطري اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو فني خرابي سبب پيش آيو، جنهن کانپوءِ پلانٽ ۾ خوفناڪ باهه لڳي، جيڪا تيزيءَ سان پکڙجي وئي.
سول ڊفينس ۽ ايمرجنسي امدادي ٽيمن فوري طور تي باهه تي ضابطو آندو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. 13 ڄڻا فوت ۽ 66 زخمي ٿيا آهن.
مارجي ويلن ۾ پاڪستاني ۽ ڀارتي شهري شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ قطر، تنزانيا، ڀارت، پاڪستان، گني، نيپال، بنگلاديش، ڪينيا ۽ نائيجيريا جا شهري شامل آهن.
ايل اين جي ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۽ باهه جي واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڌماڪي برآمداتي انفراسٽرڪچر يا گئس جي فراهمي کي متاثر نه ڪيو.
قطر انرجي جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڌماڪي جي اصل سبب ۽ مارجي ويلن جي مڪمل سڃاڻپ بابت وڌيڪ تفصيل جاري ڪيا ويندا.
قطر انرجي عالمي مارڪيٽن کي يقين ڏياريو آهي ته حادثي جي باوجود قطر جي ايل اين جي برآمد، گيس پروسيسنگ سرگرميون ۽ راس لفان بندرگاهه معمول مطابق ڪم ڪري رهيا آهن.
ياد رهي ته راس لففن انڊسٽريل سٽي دنيا جي اهم توانائي مرڪزن مان هڪ آهي، جتي ايل اين جي جي پيداوار، پروسيسنگ ۽ ايڪسپورٽ جا وڏا منصوبا قائم آهن.
ياد رهي ته قطر دنيا جي سڀ کان وڏي مائع قدرتي گئس برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، تنهن ڪري هن مرڪز ۾ ٿيل هن وڏي حادثي عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.


