لاڙڪاڻي شهر ۾ اتاترڪ ٽاور وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ شادي شده جوڙو مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب ڇوڪري جي پيءُ موٽرسائيڪل سوار جوڙي تي فائرنگ ڪئي، مارجي ويلن ۾ فردوس آنند ۽ سندس مڙس جاويد ڪورڪاڻي شامل آهن. فائرنگ ڇوڪري جي پيءُ پريل انڙ ڪئي، جنهن کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي ڪجهه عرصو اڳ شادي ٿي هئي، لاش اسپتال منتقل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
Source link

لاڙڪاڻو؛ شادي ڪرڻ تي مڙس ۽ زال قتل، ڇوڪري جو پيءُ گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

