آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي جي باوجود ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ جي جنگ جاري آهي.
عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ نباطيه جي ويجهو ڳوٺ ڪفر تبنيت ۾ قائم اسرائيلي فوجي چيڪ پوسٽ کي راڪيٽ ۽ ڌماڪيدار ڊرون سان نشانو بڻايو ويو.
اسرائيلي فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته حملي ۾ 21 ورهين جو سارجنٽ فرسٽ ڪلاس نير بن اري، جنهن جو تعلق ڪمانڊو برگيڊ جي ميگلان يونٽ سان هو، حملي ۾ مارجي ويو.
ساڳئي حملي ۾ 13 اسرائيلي فوجي پڻ زخمي ٿيا، جن مان 2 جي حالت نازڪ آهي، جنهن ڪري مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ٽن ڏينهن ۾ مارجي ويلن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.
اسرائيلي فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ان حملي کانپوءِ فوري طور تي ڏکڻ لبنان جي نباطيه علائقي ۾ حزب الله جي فوجي اڏن ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي هوائي حملا ڪيا ويا.
ٻئي طرف اسرائيلي فوج پاران شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين 50 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ عالمي شهرت رکندڙ ماحولياتي ماهر مونا خليل به شامل آهي، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيلي فوجي ٽينڪ تي حملي ۾ هڪ بٽالين ڪمانڊر مارجي ويو هو، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ هڪ فوجي گاڏي تباهه ٿي وئي هئي.


