لبنان تي اسرائيلي قبضو جاري رهيو ته آمريڪا سان معاهدو خطري ۾ پئجي سگهي ٿو: ايران جو واضح اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تهران: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته ايران ۽ لبنان وچ ۾ تڪرار هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن ۽ لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي مسلسل موجودگي يا قبضي کي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو.

تهران ۾ سفارتڪارن سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو ته لبنان تي اسرائيلي قبضو جاري رکڻ ناقابل قبول آهي ۽ ايران ان کي معاهدي جي روح جي خلاف سمجهي. هن چيو ته لبنان خلاف ڪنهن به نئين اسرائيلي حملي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

ايراني پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل معاهدي جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو ۽ سمورن محاذن تي امن قائم ڪرڻ آهي، ان ڪري لبنان ۾ جاري تڪرار به ان عمل جو اهم حصو آهي.

عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته جنگ جي خاتمي جو باضابطه اعلان سومر جي صبح تهران ان وقت ڪيو جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي. هن موجب، ايم او يو باضابطه طور تي جمعه تي عمل ۾ اچي ويندو.

هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ خطي ۾ استحڪام ايندو پر ان لاءِ ضروري آهي ته سڀئي ڌريون پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ ڪنهن به اهڙي عمل کان پاسو ڪن جنهن سان امن عمل متاثر ٿئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment