سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي: وفاقي آئيني عدالت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف بينچ بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي سي ايل پينشنرز ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ ضروري ناهي.

چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي سي ايل ملازمن طرفان اڳوڻو جج شوڪت عزيز صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ان معاملي ۾ فيصلو ڏنو آهي، جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت جي موجوده 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.

ان موقعي تي چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ان حوالي سان عدالت جا ڪيترائي فيصلا آهن.

هن چيو ته پريشان نه ٿيو اسان جي 2 رڪني بينچ ڪافي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جي ضرورت ناهي.

جنهن بعد عدالت پي ٽي سي ايل ملازمن جا سمورا ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس ارشاد حسين شاهه تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment