ملڪ جي معيشت جو بار پگھاردار طبقي، اوورٽيڪس ايڪسپورٽ ڪندڙن ۽ ريئل اسٽيٽ جي ڪلھن تي پيو.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان جي پگهاردار طبقي برآمد ڪندڙن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ملڪ جي معيشت جو بار کنيو آهي.

هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب گذريل مالي سال دوران پگهاردار طبقي 633 ارب رپين جو رڪارڊ انڪم ٽيڪس قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو، جيڪو بااثر ايڪسپورٽرز ۽ پراپرٽي ڊيلرز جي گڏيل ٽيڪس کان به وڌيڪ آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل عبوري انگن اکرن موجب مالي سال 2025-26 ۾ پگهاردار ماڻهن طرفان ادا ڪيل ٽيڪس گذريل سال جي 585 ارب رپين جي مقابلي ۾ نمايان اضافو ڏيکاري ٿو.

اها رقم انهن وڏن شعبن کان به وڌيڪ آهي، جن کي ملڪ جي معيشت جو بنيادي ستون تصور ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جي برعڪس پگهاردار طبقي جي مسئلن جي حل ۽ ان لاءِ اٿندڙ آواز ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي.

سرڪاري دستاويزن موجب ان ئي عرصي ۾ ايڪسپورٽرز کان 174 ارب رپيا ۽ ريئل اسٽيٽ وڪرو ڪندڙن کان 191 ارب رپيا وصول ڪيا ويا. ريئل اسٽيٽ ۾ ملڪيت جي خريداري تي سيڪشن 236-ڪي تحت 87 ارب رپيا گڏ ٿيا، جيڪو گذريل مالي سال جي 120 ارب رپين جي مقابلي ۾ گهٽتائي جو اشارو آهي.

ان کان علاوه پرچون شعبي مان 70 ارب رپيا ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ قومي خزاني کي مليا. ايف بي آر جو مجموعي ٽيڪس ٽارگيٽ 13 هزار 10 ارب رپيا هو جڏهن ته اختيارين ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف 15 هزار 264 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي.

نئين حڪمت عملي تحت ٽيڪس آفيسرن ۽ شهرين وچ ۾ سڌو سنئون رابطو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ پگهاردار طبقي ۽ برآمد ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جو به اشارو ڏنو آهي.

اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته انڪم ٽيڪس جو وڏو بار انهن ماڻهن تي پوي ٿو جن جي پگهارن مان سڌو سنئون ڪٽيو وڃي ٿو ۽ جيڪي سماج جو پٺتي پيل طبقو سمجهيا وڃن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment